پانڌي جي ٽڪري

پانڌيءَ جي ٽڪري: هيءُ ڳوٺ هڪ ٽڪريءَ جي نالي تي ٻڌل آهي. پانڌي هن ڳوٺ جو رهاڪو هو، جيڪو سردار وريل خان جو وڳ چاريندو هو. ٽڪريءَ هيٺ وڳ کي ويهاري پاڻ ٽڪريءَ مٿي آستانو ٺاهي عبادت ڪندو هو. انهن ڏينهن کان هن ٽڪريءَ کي ’پانڌيءَ جي ٽڪري‘ چيو ويو ۽ هتي ماڻهن رهڻ شروع ڪيو، جو اڄ هڪ ڳوٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو